موبائل گيم جي ورلڊ چيمپين شپ جو اعلان

نيويارڪ: ڪمپيوٽر ۽ اسمارٽ فون تي کيڏجندڙ گيم(ڪال آف ڊيوٽي) ورلڊ چيمپين شپ جي ٻئين سيزن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب انتظاميه سال 2020 جي عالمي چيمپين شپ ملتوي ٿيڻ کان پوءِ هاڻ 2021 جي ليگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي آهي. انتظاميه موجب عالمي چيمپين شپ جي شروعات هلندڙ سال 3 جون کان ٿيندي جنهن ۾ سڄي دنيا جا رانديگر حصو وٺندا ۽ فاتح ٽيم کي 20 لک ڊالر ڏنا ويندا جيڪي پاڪستاني ڪرنسي جي حساب سان 30 ڪروڙ روپيه بڻجن ٿا.ڪال آف ڊيوٽي(سي او ڊي) وضاحت ڪئي آهي ته رقم علاقائي اميدوارن ۽ ورلڊ چيمپين شپ جي فاتحن ۾ ورهائي ويندي. ڪال آف ڊيوٽي جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان شيئر ٿيندڙ ٽوئٽ ۾ چيمپين شپ ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان شريط ۽ ضابطا شيئر ڪيا ويا آهن.هن ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ اهل رانديگر اڪيلي يا ڪنهن ٽيم جو حصو بڻجي پهريان چئن هفتن تائين حصو وٺي سگهندا. ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ رانديگر وٽ 10 رينڪڊ ميچز ۾ گڏيل طور تي 60 پوائنٽن جو هجڻ لازمي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔