جرمني جي آءِ ٽي انجنيئر آءِ گيم نالي ڪيمرا تيار ڪري ورتي

برلن: جرمني سان تعلق رکندڙ هڪ آءِ ٽي انجنيئر عجيب وغريب پروٽوٽائپ ويب آءِ گيم نالي ڪيمره تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي شڪل انساني اک جهڙي آهي.آءِ گيم کي ڪمپيوٽر مانيٽر سان گڏ جوڙي سگهجي ٿو ۽ وڊيو ڪال جي دوران هي ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهمڻ کان علاوه پلڪون به ڇنبي ٿو. پهرين نظر ۾ هي بالڪل انساني اک جيان نظر ايندو آهي ۽ ان جي پاسي ۾ جهريون به آهن آءِ گيم ۾ 30 پرنٽ ٿيل سليڪون جو ماسڪ استعمال ڪيو ويو آهي. هن کي اوپن سورس رکيو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اوهان گهر ۾ پاڻ پنهنجو ورزن به ٺاهي سگهو ٿا.آءِ گيم کي مارل تيسر ۽ ان جي ٽيم جرمني جي سارلينڊ يونيورسٽي ۾ هيومن ڪمپيوٽر انٽر ايڪشن ليب ۾ تيار ڪيو آهي. هي ٽن اهم حصن تي ٻڌل آهي. ڪيمرا ۾ لڳل سينسرز مختلف رد عمل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. آءِ گيم نالي ڪيمرا مان ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن هي هڪ زنده انسان جي اک ڏسي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔