جهانگير ترين جي حامي پي ٽي آءِ اڳواڻن اسيمبلي رُڪنيت تان استعيفيٰ جي آڇ ڪري ڇڏي

لاهور: جهانگير ترين جي حامي پي ٽي آءِ اڳواڻن اسيمبلي رُڪنيت تان استعيفيٰ جي آڇ ڪري ڇڏي، لاهور ۾ جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي پي ٽي آءِ جي هم خيال اڳواڻن جو اجلاس، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي 30 اسيمبلي ميمبرز شرڪت ڪئي، اسيمبلي تان رُڪنيت وارو آپشن آخر ۾ استعمال ڪرڻ تي اتفاق، ذريعن موجب اجلاس ۾ هم خيال اڳواڻن چيو ته جهانگير ترين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪيو ويندو، ناانصافي جي صورت ۾ استعيفيٰ جو آپشن استعمال ڪري سگهجي ٿو، اجلاس ۾ جهانگير ترين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم سان ملاقات سوڌو هر قسم جو طريقو اختيار ڪرڻ تي اتفاق، پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض چيو آهي ته پارٽي جا ميمبر عمران خان کان انصاف جي گهُر ڪري رهيا آهن، هاڻي ڳالهه کي اڳتي نه وڌايو وڃي، اهو ئي رويو رهيو ته اسان به قدم کڻي سگهون ٿا، اسحاق خاقواني چيو آهي ته اڄ انصاف ۽ ايمانداري نظر نه پئي اچي، 5-6 ڏينهن ۾ سڀ شيون عوام آڏو ظاهر ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔