نائين کان ٻارهين تائين تعليمي ادارا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو

پشاور: خيبر پختونخواهه ۾ نائين کان ٻارهين جماعت تائين تعليمي ادارا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪي پي جي تعليم واري وزير شهرام ترڪئي موجب شاگرد مرحلي وار ڪلاسن ۾ ايندا ته جيئن ايس او پيز تي عمل ٿي سگهي. تعليمي ادارن بابت فيصلو گذريل ڏينهن ڪورونا جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. شهرام ترڪئي جو چوڻ هو ته صوبي ۾ ميٽرڪ جا امتحان 21 مئي ۽ انٽر جا امتحان 17 جون کان ٿيندا، جڏهن ته ڪورونا متاثر ضلعن ۾ پهرين کان اٺين تائين ڪلاسون عيد تائين بند رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔