خبر ناهي ايف آءِ اي ۾ ڪهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا،آفيسر ڪم نٿا ڪرڻ گهرن يا وري نااهل آهن: عدالت

ڪراچي : ڪراچي ۾ عورتن کي سوشل ميڊيا تي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ سوڌو سائيبر ڪرائيم جي ڪيسز ۾ ايف آءِ اي جي ناقص ڪارڪردگي تي عدالت طرفان ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، سيشن جج ايسٽ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل جو ڪوبه جاچ آفيسر پنهنجو ڪم ڪري نٿو اچي، اهي يا ڪم نٿا ڪرڻ گهرن يا وري نااهل آهن، صبح کان ويٺا آهيون، آفيسر عدالت اچي چون ٿا ڪيس فائيل نه آندو آهي، ڪيس فائيل ناهي ته پوءِ عدالت ڇا ڪرڻ آيا آهيو، عدالت ايف آءِ اي جي هڪ جاچ آفيسر کي سزا طور جوابدارن جي ڪٽهڙي ۾ ويهاري ڇڏيو، عدالت چيو ته خبر ناهي ايف آءِ اي ۾ ڪهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، هنن جا ته جاچ آفيسرز جهڙا مهانڊا به نه آهن، لڳي ٿو ماڻهو ڪم ڪرڻ بدران رڳو پئسو ٺاهڻ ۾ لڳي ويا آهن، عورتن کي سوشل ميڊيا تي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ وارن ڪيسز ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔