چين اٺن لاءِ دنيا جو پهريون ٽريفڪ سگنل لڳائي ڇڏيو

بيجنگ: چين اٺن جي لاءِ دنيا جو پهريون ٽريفڪ سگنل لڳائي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين ڊنهوانگ شهر ۾ منگشا جبل ۽ ڪريسنٽ اسپرنگ جي هنڌن تي اٺن جو پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ کان بچائڻ جي لاءِ ٽريفڪ لائٽس لڳايون آهن.مذڪوره علائقو تفريح جي لاءِ مشهور آهي ۽ سياح هتي اٺن تي وڏي شوق سان سواري ڪندا آهن. ٽريفڪ سگنل جي لڳائڻ جو مقصد اهوئي ٻڌايو ويو آهي ته جيئن اٺن کي ٽڪرائجڻ کان بچائي سگهجي.هي سگنل به ٻين عام ٽريفڪ سگنلز جيان آهي جڏهن سائو ٿيندو ته اٺ روڊ پار ڪندا ۽ جڏهن ڳاڙهو ٿيندو ته اٺ بيهي رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔