وفاقي سرڪار مذهبي تنظيم ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار مذهبي تنظيم ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو،

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ ختم نبوت جو ڪو به خوف نه آهي،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي دهشتگردي ايڪٽ 1997 رولز 11 جي تحت پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،

شيخ رشيد چيو آهي ته مظاهرين احتجاج دوران ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ 340 اهلڪارن کي زخمي ڪيو، هن چيو آهي ته مظاهرين هر صورت فيض آباد ۽ اسلام آباد اچڻ چاهين پيا،

هن چيو آهي ته پنجاب حڪومت تنظيم تي پابندي مڙهڻ جي سفارش ڪئي آهي، اسان پابندي جي حوالي سان سمري ڪابينا کي موڪلي رهيا آهيون، اسان قرار داد اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان پيش ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ وارا سيلينڊر ڪن، هي غلطي تي آهن، مظاهرين اهلڪارن کي اغوا ڪري مطالبو مڃرائڻ گهرن پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔