سنڌ جَي اسپتالن وارو معاملو پراڻو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن وزيراعظم کي غلط بريف ڪري معاملو تڪراري بڻايو:وڏو وزير مراد شاهه

ڪراچي : سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جَي اسپتالن وارو معاملو پراڻو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن وزير اعظم کي غلط بريف ڪري معاملو تڪراري بڻايو،

وزير اعظم عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته اسان کان اسلام آباد جي پمز اسپتال نٿي سنڀالجي، سنڌ جون جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي ڪيئن سنڀالينداسين؟.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال خراب آهي، ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو،

وفاقي حڪومت کي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ جهاز بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته وبا تيزيءَ سان ڦهلجي سگهي ٿي،

هن چيو آهي ته گڊز ٽرانسپورٽ کي روڪڻ جو ناهي چيو، صرف پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابنديون لڳايون وڃن، جيڪڏهن صورتحال ڳڻتي جوڳي هوندي آهي ته وفاق کان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو چوندس، اڳ ۾ به وفاق کي چيو هو ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽس بند ڪئي وڃي.

هن چيو آهي ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي آزاد ڪري ڇڏيو، هاڻي هو ڪنهن کي به جوابده نه آهي، اسٽيٽ بنيڪ کي ايترو طاقتور ڪري ڇڏيو جو هن مامري ۾ ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔