اڳ ۾ موجود اسپتالن کي ٺيڪ ڪرڻ ڏکيو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳ ۾ موجود اسپتالن کي ٺيڪ ڪرڻ ڏکيو آهي .

وزيراعظم عمران خن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته خيبرٽيچنگ اسپتال پشاور جي وڏي محنت سان نئين سر اڏاوت ڪئي وئي آهي .

هن چيو ته نئين اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال جي تعمير نهايت سولي آهي ، پر اڳ ۾ موجود اسپتالن کي ٺيڪ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي .

وزيراعظم عمران خان چيو ته خيبر ٽيچنگ اسپتال پشاور جو بورڊ ۽ انتظاميا مبارڪباد جا مستحق آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔