ڀارتي فلمساز جي گهرواري ۽ ڌيءَ آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي : ڀارتي فلمساز سنتوش گپتا جي گهرواري ۽ ڌيءَ آپگهات ڪري ڇڏيو.
مقامي پوليس موجب ممبئي جي ڀر واري علائقي انڌيري ۾ هڪ 55 ورهين جي عورت ۽ ان جي ڌيءَ پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.
اهو واقعو سومر ڏينهن پيش آيو ۽ اربع ڏينهن ممبئي پوليس باضابطي طور ٻڌايو ته فوتين ۾ ماءُ جو نالو اسميتا ۽ ڌيءَ جو نالو سرشتي آهي، اسميتا فلمساز سنتوش گپتا جي گهرواري ۽ سرشتي سندس ڌيءَ آهي.
شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اسميتا وڏي عرصي کان بڪين جي بيماري ۾ ورتل هئي، هن پريشان ٿي اهڙو قدم کنيو، ان ئي دوران سرشتي صدمو برداشت نه ڪري سگهي ۽ ان به پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔