فخر زمان ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪري ورتا

سنچورين : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان ڏکڻ آفريقا خلاف شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا.
30 ورهين جي کاٻڙي بيٽسمين سنچورين ۾ 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن سان گڏ هو پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي 50 اننگز ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو، ان فهرست ۾ هن ظهير عباس کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
فخر زمان پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 50هين اننگز ۾ مجموعي طور رنسن جو انگ 2 هزار 262 تي پهچائي ڇڏيو ۽ دنيا جي بيٽسمينن ۾ رڳو ڏکڻ آفريقا جو هاشم آملا ئي فخر زمان کان اڳتي آهي، جنهن 50 اننگز ۾ 2 هزار 486 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم شروعاتي 50 ميچن ۾ 2 هزار 129 رنسون ٺاهيون هيون.
ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ون ڊي ميچ ۾ فخر زمان اوپنر امام الحق سان گڏ پهرين وڪيٽ لاءِ 112 رنسن جي ڀائيواري پڻ قائم ڪئي، جيڪا انهن ٻنهي وچ ۾ پنجين سينچري ڀائيواري آهي، ائين اهي ٻئي پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ سينچري ڀائيواري قائم ڪندڙ اوپنبر به بڻجي ويا آهن.
فخر زمان کي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز جو بهترين رانديگر پڻ قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔