ايم ڪيو ايم سينٽر نائن زيرو تي آپريشن سان لاڳاپيل 52 ڪيسن جو فيصلو محفوظ

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ايم ڪيو ايم سينٽر نائن زيرو تي آپريشن سان لاڳاپيل 52 ڪيسن جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته ڪيسن ۾ فيصلو 23 اپريل تي ٻڌايو ويندو. 11 مارچ 2015 تي رينجرز نائن زيرو تان 26 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جوابدارن تي ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو الزام آهي. گرفتار جوابدارن ۾ فيصل عرف موٽا ، عبيد ڪي ٽو ، امير سر ڦٽا، امير تيلي ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن. پوليس موجب نائن زيرو تي آپريشن دوران 250 کان وڌيڪ مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔