پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو جي 42 هين ورسي

پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي پئي وڃي .

ذوالفقار علي ڀٽو جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ۾ سندس مزار تي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن حاضري ڀري دعائون ڪري رهيا آهن .

پاڪستان جي مختلف علائقن کان پيپلز پارٽي جا جيالا ۽ ڪارڪن باني چيئرمين جي مزار تي حاضري ڀرڻ ڳڙهي خدابخش پهچي رهيا آهن .

پاڪستان پيپلز پارٽي پارٽي پاران به سڄي ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون رٿيون ويون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔