رڳو منهنجي شگر ملز جي معاملي کي ڇو اُٿاريو پيو وڃي: جهانگير ترين

لاهور: رڳو منهنجي شگر ملز جي معاملي کي ڇو اُڇليو پيو وڃي، ڇا شهباز شريف سوڌو ٻين 80 شگر ملز ۾ ڪوبه اشو ناهي، جهانگير ترين پنهنجي خلاف ڪيسز تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو، جهانگير ترين چيو آهي ته سندس خلاف ڪيس ڄاڻي واڻي ايف آءِ اي کي ڏنو ويو، مني لانڊرنگ جو لفظ شامل ڪري اُن کي ڪرمنل ڪيس بڻايو ويو، ڪيسز جو کنڊ جا اگهه وڌڻ سان ڪوب واسطو ناهي، ڪمپني جي 10 سال اڳ ٿيل فيصلن کي چئلينج ڪرڻ ايف آءِ اي جو ڪم ناهي، لڳي ٿو رٿابندي تحت شيون ليڪ ڪيون وينديون آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔