پي ڊي ايم ۾ شامل 5 پارٽين سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهيل اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم ۾ شامل 5 پارٽين سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ن ليگ ۽ جي يو آءِ سميت پي ڊي ايم ۾ شامل 5 پارٽين سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پ پ ۽ اي اين پي کان وضاحت وٺڻ لاءِ پي ڊي ايم ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ن ليگ جي سينيٽر اعظم نذير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، جي يو آءِ، بي اين پي، پختونخواه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جي سينٽرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مٿيون فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل 5 وڏين جماعتن سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان عوامي پارٽي کان ووٽ وٺڻ جو معاملو پي ڊي ايم جي صدر کي اماڻيو ويندو. هن چيو ته جيڪو پ پ ۽ اي اين پي کان پڇا ڪري ته انهن پارٽين اصولن ۽ فيصلن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي؟. اعظم نذير تارڙ چيو ته ن ليگ سميت ٻين 5 پارٽين کي توقع آهي ته پي ڊي ايم سربراهه انهن کان وضاحت ضرور گهرندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔