ن ليگ کان يوسف گيلاني جي ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي: بلاول ڀٽو زرداري

خيرپور: ن ليگ کان يوسف گيلاني جي ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي، هر وقت آر يا پار جي سياست ناهي هلندي، جواب ڏيڻ چڱيءَ طرح اچي ٿو،ننڍا ننڍا اختلاف هوندا آهن پر وڏن مقصدن کي ڏٺو وڃي، اسان ڊيل واري سياست نه ڪندا آهيون، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه دوست اپوزيشن سان اپوزيشن ڪري رهيا آهن، اسان ڪنهن جهيڙي ۾پوڻ نه ٿا چاهيون، اپوزيشن جي جهيڙي جو فائدو عمران خان کي ٿيندو، خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن کي گڏجي حڪومت کي نشانو بڻائڻ گهرجي، هر موقعي تي آر پار جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، پ پ جي ڪاميابي تي ن ليگ کي خوش ٿيڻ گهرجي ها، ن ليگ جي ڪجهه دوستن کي اسان جي خوشي هضم نه ٿي، ملڪ ۾ نئين شفاف اليڪشن چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت معاشي ترقي روڪي ڇڏي، هن چيو ته معاشي خودمختياري تي حملو برداشت نه ڪنداسين، پاڪستان معاشي خودمختياري وڃائي چڪو، منافق وزيراعظم ملڪ جا ادارا کپائي ڇڏيا، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڇا پاڪستان ۾ڪڏهن اهڙو ڪنفيوز وزيراعظم رهيو، ڪمزور وزيراعظم جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس جي مخالفت ڪريون ٿا، عمران خان اڃا تائين پارليامان کي استعمال به نه ڪيو، مڙهيل وزيراعظم ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي، پي ٽي آءِ-آءِ ايم ايف ڊيل جي مخالفت ڪندا رهنداسين، 3 سال ٿي ويا،ڪنهن کي خبر ناهي ته وزيراعظم جي پاليسي ڪهڙي آهي، ملڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔