ڪورونا ويڪسين هاڻ پاڪستان ۾ به تيار ٿيندي

اسلام آباد: پاڪستان جي مقامي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني جو ويڪسين جي تياري لاءِ چيني ڪمپني سان معاهدو طئي ٿي ويو. مقامي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني سرل فارماسوٽيڪل پاڪستان جو چوڻ آهي ته ويڪسين جو پهريون ۽ ٻيون ٽرائل ڪامياب رهيو جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ويڪسين جو اثر ۽ ان جي افاديت کي جانچيو ويندو، ويڪسين ٽرائل جي ٽئين مرحلي ۾ ڪيترن ئي ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب هن ليوزون مفارم سان گڏ ڪوروناويڪسين جي لائسنسنگ ۽ سپلاءِ جو معاهدو ڪيو آهي جنهن جي تحت مقامي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني ڪورونا ويڪسين پاڪستان ۾ تيار ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔