شعيب اختر ڪورونا ۾ مبتلا سچن ٽنڊولڪر جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر پنهنجي پسنديده دشمن جي لاءِ دعاگو آهي.شعيب اختر ليجنڊ ڀارتي رانديگر سچن ٽنڊولڪر کي پنهنجو پسنديده دشمن قرار ڏيندي ان جي لاءِ دعا ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پيغام ۾ شعيب اختر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارتي رانديگر سچن ٽنڊوالڪر کي پنهنجو پسنديده دشمن قرار ڏنو ۽ ان جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.شعيب اختر ڪرڪيٽ جي ڏينهن دوران پنهنجي ۽ ٽنڊولڪر جي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي. تصوير پاڪ ڀارت ميچ جي آهي جنهن ۾ سچن ٽنڊولڪر بيٽنگ ڪري رهيو آهي جڏهن ته شعيب اختر بالنگ. شعيب اختر تصوير سان گڏ لکيو آهي ته هن سان ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ منهنجي سڀني کان وڌيڪ پسنديده دشمني هئي. هن سچن ٽنڊوالڪر کي مخاطب ٿيندي لکيو ته بڊي! جلدي سان صحتياب ٿي وڃو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔