آمريڪي واپاري عورت پاران برطانوي وزيراعظم سان جنسي لاڳاپن جو انڪشاف

لنڊن: آمريڪي واپاري عورت جينيفر آرڪيوري دعوا ڪئي آهي ته 2012 کان 2016 جي وچ ڌاران سندس برطانوي وزيراعظم سان جنسي لاڳاپا رهيا.
ميڊيا رپورٽ موجب جينيفر اهڙي ڳالهه جو انڪشاف برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيڻ دوران ڪيو، هن چيو ته آئون برطانوي وزيراعظم جي محبت ۾ تڏهن کان مبتلا هئس جڏهن هو لنڊن جو ميئر هو.
بورس اسان جي لاڳاپن کي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، هو ايترو ته بزدل هوندو هو جو ڪڏهن واپاري دوري تي اچڻ ٿيندو هو ته مون سان ڪنهن قطار ۾ به نه بيهندو هو.
جينيفر وڌيڪ چيو ته بورس جي بزدلي سبب اهڙو سلسلو وڌيڪ هلي به نه سگهيو، ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم طرفان ان حوالي سان ڪو ردعمل به سامهون نه آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔