سعودي عرب يمن کي پنجهٺ ارب روپين جو تيل ڏيندو

رياض: سعودي عرب يمن کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت کي ترقياتي ڪمن لاءِ 65 ارب 30 ڪروڙ روپين جو تيل ڏيندو.
سعودي عرب جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايس پي اي موجب ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز يمن جي صدر عبد ربو منصور هادي سان ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
يمن کي گرانٽ سعودي عرب جي پروگرام ترقي ۽ تعمير تحت ڏني پئي وڃي، تيل جي کوٽ سبب يمن ۾ پاڻي، اسپتالن ۾ جنريٽر ۽ امدادي سامان جي فراهمي معطل آهي، يمن ۾ هن وقت 80 سيڪڙو آبادي کي مدد جي ضرورت آهي.
ياد رهي ته ماضي ۾ حوثي باغي يمن جي سرزمين کان سعودي عرب جي توانائي جي ذخيرن تي ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪندا رهيا آهن.
گذريل هفتي يمن جي صدر چيو هو ته هن حوثي تحريڪ جي ڪنٽرول هيٺ بحيره احمر جي بندرگاهه هوديده ۾ تيل جي ڪجهه جهازن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔