ڪتن جي ڏاڙهڻ وارو ڪيس: فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي جي ميمبرشپ بحال

سکر: پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئيچ فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي جي رڪنيعت بحال ڪري ڇڏي آهي، عدالت پ پ ايم پي ايز جي رڪنيعت معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو آهي، پ پ حڪومت عدليا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق نائيڪ چيو آهي ته هاڻي ڪتن ڏاڙهڻ وارا واقعا پيش آيا ته ذميواري لوڪل گورنمينٽ مٿان ٿيندي، هن چيو آهي ته جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ کي مليل ڌمڪين جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت جسٽس کي تحفظ ڏيندي، جنهن به اهڙي شرارت ڪئي آهي ان خلاف انڪوائري ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي، صحافي پاران پ پ حڪومت جسٽس آفتاب ڳورڙ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هو ۽ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڏني هئي واري سوال تي هن چيو پ پ حڪومت جو ترجمان يا ايڊوڪيٽ جنرل ئي ان متعلق ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔