ن ليگ ۽ جي يو آءِ يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن اڳواڻ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (ن) ليگ ۽  جي يو آءِ سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي يو آءِ(ف) جي مولانا عبدالغفورحيدري سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات جي دوران شاهد خاقان عباسي مولانا فضل الرحمان جي خيريت پڇا ڪئي ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊجڻ کان پوءِ واري صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران چيو ويو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون پيپلز پارٽي جي رويي مان مايوس آهن. ٻنهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي پنهنجو مخالف ڌر جو اڳواڻ آڻڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي.

ان موقعي تي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽي بي اين پي کان حمايت گهري سڀني کي مايوس ڪيو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بابت پي ڊي ايم جي ٻين پارٽين سان به جلد صلاح مشورا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔