ڪراچي يونيورسٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر منصوبو 2017ع کان بند هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر جو تعميراتي منصوبو 2017ع کان بند هجڻ جو انڪشاف، ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر جي تعمير جي ڪمن لاءِ اڃا تائين ڪنسلٽنٽ جون خدمتون به حاصل نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته 442 ملين رپين جي 2014ع جي ان اسڪيم تي 177 ملين رپيا جاري ڪيا ويا، جن مان يونيورسٽي انتظاميا 2016ع تائين 164 ملين رپيا خرچ ڪري سگهي ۽ هن سال 17 ملين روپيا جاري ڪرڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميا 2017ع کان بند پيل تعميراتي ڪم شروع نه ڪرائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔