اڳوڻو ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ به ڪورونا وائرس جو شڪار

اسلام آباد: اڳوڻو ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. 

ناڻي واري وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙ حماد اظهر اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ جي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

حماد اظهر پنهنجي ٽوئٽ ذريعي حفيظ  شيخ جي ڪورونا  ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي اطلاع ڏني. ناڻي واري وزير حماد اظهر حفيظ شيخ جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن ئي حفيظ شيخ کي ناڻي واري وزارت تان هٽايو هو ۽ ان جي جڳهه حماد اظهر کي ناڻي  واري وزارت جو واڌو قلمدان ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔