چيف جسٽس پاران اسٽيل ملز هلائي ڊيمز لاءِ اسٽيل تيار ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: ڪوٽڙي ڀرسان سنڌ بئراج ٺاهيو پيو وڃي، لنڊن جي ٿيمز درياهه جيان سنڌ بئراج مان به ڪئنالز ڪڍيا ويندا، بئراج ٺهڻ سان سنڌ جا به خدشا ختم ٿي ويندا، واپڊا چيئرمين رٽائرڊ جنرل مزمل جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان، ديامير ۽ ڀاشا ڊئمز بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران تڪراري ڪالاباغ ڊئم جو به ذڪر، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ بنا ڪالاباع ڊئم ڪيئن ٺهندو؟ واپڊا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته مهمند ڊئم مان نوشهره، مردان ۽ چارسده ۾ ٻوڏ نه ايندي، ٻوڏ جا وهڪرا رُڪجڻ سان ڪي پي حڪومت جا خدشا ختم ٿي ويندا، ديامير ڀاشا ڊئم لاءِ اسٽيل ٻاهران گهرائڻ جي ضرورت آهي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز هلي ته ٻاهران اسٽيل نه گهرائڻو پوندو، واپڊا اسٽيل لاءِ جيڪي پئسا ٻاهر ڏيندو، اُهي اسٽيل ملز کي ادا ڪري ڇڏي، اسٽيل ملز واري معاملي تي منهنجي رڳو تجويز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔