پيپلزپارٽي عيد کانپوءِ پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي جي دعوا ڪري ڇڏي

لاهور:  پيپلزپارٽي پنجاب جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ عيد کانپوءِ ان هائوس تبديلي جي دعوا ڪري ڇڏي.

پيپلزپارٽي پنجاب جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضي چيو آهي ته عيد تي پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي جو تحفو ڏينداسين، حڪمران پارٽي جا 25 کان 30 ايم پي ايز رابطي ۾ آهن.

هن چيو ته پنجاب لاءِ مسلم ليگ (ن) وڏي وزير جو اعلان ڪري پيپلزپارتي ان جو ساٿ ڏيندي.

ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطاء تارڙ حسن مرتضيٰ جي بيان کي غير سنجيده سمجهندي چيو آهي ته حسن مرتضيٰ جيڪا آڇ ڪئي آهي ان جو طريقو به واضح ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔