حفيظ شيخ ناڻي واري وزارت تان فارغ، حماد اظهر کي اضافي قلمدان ڏنو ويو

اسلام آباد: حڪومت ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ کي عهدي تان هٽائي حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان حفيظ شيخ کي ناڻي واري وزارت جو عهدو ڇڏڻ جي هدايت ڪئي ۽ حفيظ شيخ اڄ پنهنجي آفيس به نه آيو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته معاشي پاليسين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جي حوالي سان ڪابينا ۾ تحفظات موجود هئا.

حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي، ان وٽ هن وقت صنعت ۽ پيداوار جي وزارت به آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔