جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا: اسد عمر

اسلام آباد: اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا،

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي ڪري ٻه هفتا اڳ پابندين ۾ اضافو ڪيو هو، اسان پابنديون خوشي سان نه پيا لڳايون، پر هاڻي ملڪ ۾ ڪوورنا تيزي سان پکيڙجي رهيو آهي ۽ خطرناڪ حد تائين ڦهلجي چڪو آهي،

ان جو سبب برطانيه ۾ سامهون ايندڙ نئون وائرس آهي، هن چيو آهي ته وبا جي پکيڙ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ تيزي سان ٿي رهي آهي، ڀارت ۾ به تيزي وبا ڦهلجي رهي آهي، ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ تمام گهڻي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي،

ڪالهه 2842 مريض ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موجود هئا، گذريل 12 ڏينهن ۾ مريضن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، جيڪڏهن هن رفتار سان مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو ته اسان پهرين لهر جي ليول کان به مٿي هليا وينداسين،

هن وڌيڪ چيو آهي ته اسان جو مقصد خوف ڦهلائڻ ناهي، هي ليڊرشپ ڏيکارڻ جو وقت آهي، هي پغام ڦهلائڻ جو وقت آهي، ماڻهن کي ڪورونا کان بچايو وڃي، هن وبا کي ان حد تائين نه ڦهلجڻ ڏجي جنهن سان ماڻهن جو روزگار بند ڪرڻو پوي،

اسد عمر چيو آهي ته ڪوشش آهي ته ماڻهن جو روزگار جو نقصان نه ٿئي، جيڪڏهن اسان فوري قدم نه کنياسين ته اهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي ته وڌيڪ پابنديون لڳائڻيون پون، ان جي ڪري جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔