ڪيترين ئي پارٽين اسان کي چيو اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ پ پ جو حق آهي: گيلاني

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪيترين ئي پارٽين اسان سان رابطو ڪري چيو ته اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ پيپلز پارٽي جو حق آهي. منهنجو اپوزيشن اڳواڻ بڻجڻ منهنجي نه پر پي ڊي ايم جي فتح آهي.

زرداري هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ڊي ايم فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي مان سينيٽ سيٽ تي مان اميدوار هوندس. اسان سڀني سان ملي ان تي ڪاميابي حاصل ڪئي. اسان جو موقف هو ته پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. جلسا، ريليون۽ احتجاج ملي ڪرڻا هئا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مجلس عامله جي سامهون پي ڊي ايم جو مطالبو رکيو ويو ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون وينديون. پي ڊي ايم اسان جي تجويز مڃي سينيٽ ۽ ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو. پي ڊي ايم ننڍي چونڊ کٽڻ لاءِ بلاول ڀٽو جي تجويز هئي ته عدم اعتماد آندو وڃي. استعيفائن کي آخري آپشن رکيو وڃي.

هن چيو ته بينظير ڀٽو چوندي هئي ته 1985ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ اسان جي وڏي غلطي هئي. مشرف دور ۾ ملڪ واپس اچي به محترمه نوازشريف کي تيار ڪيو ته چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي. جڏهن ته محترمه جي شهادت کان پوءِ نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن جي بائيڪات جي ڳالهه ڪئي پر آصف زرداري کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي قائل ڪيو ۽ محترمه 17 ميمبرن سان گڏ اسيمبلي ۾ موجود رهي. گيلاني چيو ته پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڌرڻي جو چيو ويو جنهن جي اسان مڪمل تياري ڪئي. جڏهن ته ڌرڻي کان اڳ سربراهي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آصف زرداري ۽ نوازشريف به ڳالهايو. اتي چيو ويو ته استعيفائن کان سواءِ لانگ مارچ ۽ ڌرڻا ڪابه معنيٰ نٿا رکن. جيڪا اسان لاءِ نئين ڳالهه هئي. اسان پي ڊي ايم اجلاس ۾ درخواست ڪئي ته استعيفائون نه ڏنيون وڃن.

جمهوريت ۾ اختلاف راءِ هلندو آهي پر مولانا فضل الرحمان اهو چئي هليو ويو ته 10 مان 9 پارٽيون متفق آهن. اسان  کي پي ڊي ايم وقت ڏنو ته پنهنجي مجلس عامله ۾ وڃي فيصلو ڪريو. اسان جي مجلس عامله  ۾ به ان معاملي تي غور ٿيندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي معاملي تي آصف علي زرداري نوازشريف، فضل الرحمان سميت سڀني سان رابطو ڪيو. ڪيترين ئي پارٽين اسان سان رابطا ڪري چيو ته هي پيپلز پارٽي جو حق آهي.

فاٽا جي آزاد ميمبرن به اسان جي مدد ڪئي. سينيٽرز دلاور جنهن جو(ن)ليگ سان ڪافي تعلق هو. ان چار ازاد ميمبرن جو گروپ ٺاهيو. ان آزاد گروپ اسان سان تعاون ڪيو ۽ اسان جا 30 ووٽ بڻجي ويا. اهڙي طرح مان سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ بڻجي ويس. يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پي ڊي ايم قائم رهي. پي ڊي ايم کي يقين ڏياريون ٿا ته اسان گڏ آهيون. مان اپوزيشن کي گڏ کڻي هلندس. پي ڊي ايم جي ماڻهن سان ملندو رهندس. منهنجو اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ پي ڊي ايم جي سوڀ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔