ڪورونا ويڪسين جي گوري ۽ ڪيپسول واري شڪل ۾ تياري جو ڪم شروع

نيويارڪ: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ تيار ڪيل ويڪسين انجيڪشن جي ذريعي انساني جسم ۾ داخل ڪئي ويندي آهي جنهن سبب ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ڪجهه ماڻهو انجيڪشن جي سئي کان ڊڄندا آهن.پر هاڻ انهن جي پريشاني ختم ٿي ويندي ڇو ته هڪ اهڙي ويڪسين جي تياري تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪا گوري يا ڪيپسول جي شڪل ۾ آساني سان ڳهي سگهجي ٿي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورونا ويڪسين جي گوري ۽ ڪيپسول جي شڪل ۾ تياري اوريڪس نالي ڪمپني ڪري رهي آهي. اوريڪس نالي ڪمپني اصل ۾ ٻن ڪمپنين جي تعاون سان قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ ڪمپني آمريڪي ۽ اسرائيلي آهي جڏهن ته ٻئي ڀارتي ڪمپني آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اوريڪس نالي ڪمپني طرفان ويڪسين جي انسانن تي ٿيندڙ مرحلي جي ٽرائل جي شروعات هلندڙ سال جون ۾ امڪان آهي. وات ذريعي جسم جي اندر داخل ٿيندڙ ويڪسين کي سيڪنڊ جنريشن ويڪسين جو حصو قرا ڏنو پيو وڃي جيڪا وڏي پيماني تي تيار ٿي سگهنندي. جڏهن ته ان جي ورهاست ۽ استعمال به نهايت اسان هوندي ڇو ته اڃان تائين جيڪا ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي ان جو سڀني کان وڏو مسئلو ٽرانسپورٽيشن جو به آهي جڏهن ته ان کي هڪ خاص گرمي پد تي به رکڻو پوندو آهي.ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن انساني ٽرائل ۾ اها ويڪسين ڪامياب ٿي وئي تڏهن به ان جي منظوري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جو وقت لڳندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔