سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نواز ليگ جو ئي هوندو: مريم نواز

لاهور : سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نواز ليگ جو ئي هوندو، اُميد ته سموريون جماعتون طئه ٿيل فارمولي تحت فيصلا ڪنديون، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو مستقبل سندس ڪارڪردگي سان سلهاڙيل آهي، پي ڊي ايم کيس سنهي گهٽي مان فرار ٿيڻ نه ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيز متحد رهن، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 26 مارچ تي مريم نواز سان گڏ پي ڊي ايم جا ڪارڪن به نيب آڏو پيش ٿيندا، پي ڊي ايم متحد آهي، پيپلز پارٽي کي چونداسين ته 9 پارٽيز جي موقف جو احترام ڪري، اسان به پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلي جو انتظار ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔