پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پاڪ فوج طرفان اهم هدايت نامو جاري

راولپنڊي : پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري آءِ ايس پي آر يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ ايس او پيز جي حوالي سان اهم هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو.

ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي آءِ ايس پي آر 23 مارچ جي پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ هدايت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن موجب شرڪت ڪندڙن کي پهرين ئي ڏينهن کان خاص بائيو سيڪيور ببل ۾ رکيو ويو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب پريڊ ڏسڻ لاءِ ايندڙن کي به ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، کين حفاظتي ماسڪ بنا پنڊال ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

هدايت نامي موجب سمورن اندرين هنڌن جي خاص چيڪنگ ڪئي ويندي، هر انڪلوزر جي داخلي دَر تي فيس ماسڪ ۽ سينيٽائيزر کي يقيني بڻايو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پريڊ ڏسڻ جي خواهشمند ماڻهن کي حرارت جو درجو چيڪ ڪرڻ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو، جڏهن ته تقريب ۾ مهمانن جي ويهڻ جو انتظام سماجي وٿي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔