مريم نواز ابو بچايو مهم لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي دعويٰ ڪندي رهي: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ پي ڊي اي کي غير فطري اتحاد قرار ڏئي ڇڏيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز ابو بچائو مهم جي لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي دعويٰ ڪندي رهي، جڏهن ته پي ڊي ايم غير فطري اتحاد ۽ بي وقت جي راڳڻي هئي، هن وڌيڪ چيو آهي ته هڪ ڪٺ پتلي ايم اين اي بيان ڏنو ته اسان پاڪستا کپي جو نعرو ناهيون هڻندا، جيڪي دوا وٺڻ ويا هئا ان جي ڌيءَ ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته ان جي جان کي نيب سان خطرو آهي، هن چيو آهي ته اسحاق ڊار ڪمزور دل ۽ ڪمزور ايمان وارو ماڻهو آهي، جڏهن ته بهتان عباسي سرڪاري وسيلا استعمال ڪندو رهيو آهي، اسحاق ڊار کي فرار ڪرايو، اسحاق ڊار سلطاني گواهه بڻجڻ جو خطرو آهي، شهباز شريف جي خاموشي عڪاسي ڪري رهي آهي ته گهر جي اندر ڏار پئجي چڪا آهن…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔