لاهور هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي شهباز گل مٿان آنا ۽ مس اڇليندڙ عورت سميت(ن) ليگي ڪارڪن گرفتار

لاهور: وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز  گل جي لاهور هاءِ ڪورٽ اچڻ تي  ليگي ڪارڪنن ان تي آنا وسائي ڇڏيا.

رپورٽ موجب وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شهباز گل لاهور هاءِ ڪورت پهتو ته اتي موجود مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن کيس آنا وهائي ڪڍيا. جڏهن ته ڪارڪنن ان تي ڪاري مس به اڇلي. مس  سان شهباز  گل جا ڪپڙا ۽ هٿ ڪارا ٿي ويا. معاملو ان وقت ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو جڏهن تحريڪ انصاف جي  ڪارڪنن آنا اڇليندڙ شخص کي پڪڙيو ۽ ان  کي  ڪٽڪو ڏنو.

ڪارڪنن جي تشدد سبب(ن) ليگ جي ڪارڪن جو مٿو ڦاٽي پيو پر ڪورٽ ۾ موجود ٻين ماڻهن ۽ پوليس ان جي جان بچائي. ٻئي طرف شهباز گل  جڏهن عدالت جي احاطي ۾ پهتو ته صحافي طرفان ان کان سوال ڪيو ويو ته اوهان سان عدالت ۾ ڇا ٿيو آهي؟ جنهن تي شهباز گل چيو ته منهنجي مٿان آنا ۽ ڪاري مس اڇلي وئي آهي. مسلم ليگ(ن) پنهنجي ڪارن ڪرتوتن جي مس منهنجي مٿان اڇلي ۽ هاڻ هي غنڊه گردي تي لهي آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔