اٽلي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ نيون پابنديون لڳايون ويون

روم: اتلي ۾ وڌندڙ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب اطالوي اختيارين نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب سومر کان اٽلي جي اڌ کان وڌيڪ علائقن ۾ خاص طور تي وڏي آبادي وارن شهرن روم ۽ ميلان ۾ دڪانون، هوٽلون ۽ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پابندي جي تحت سمورا اسڪول بند هوندا جڏهن ته ماسڪ جو استعمال به لازمي هوندو. ميڊيا رپورٽن موجب ايسٽر جي دوران 3 کان 5 اپريل جي دوران سموري ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هوندو.پابندين بابت پنهنجي بيان ۾ اٽلي جي ماريو ڊراگي چيو آهي ته مان ڄاڻان ٿو ته نئين پابندين جي نتيجي ۾ اوهان جي ٻارن جي تعليم، معيشت ۽ هر هڪ جي ذهني صحت تي اثر پوندا پر ڪورونا صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کڻڻ ضروري آهن. ياد رهي ته اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب هينئر تائين هڪ لک فوتگيون ٿيون آهن.جڏهن ته گڏيل طور تي 3 لک اٺ هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. يورپ ۾ ڪورونا ڪيسن جي حوالي سان برطانيه کان پوءِ اتلي جو ٻيون نمبر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔