سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري پاران 6 هزار 866 اسڪول بند هئڻ جو اعتراف

ڪراچي: سنڌ ۾ مفت تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، سيڪريٽري تعليم طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ 6 هزار 866 اسڪولز بند هجڻ جو اعتراف، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ 229 اسڪولز بند هجڻ جو به اعتراف، رپورٽ ۾انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ 7 هزار 974 اسڪولز هلائڻ جهڙا ئي نه آهن، صوبي ۾ 46 هزار 549 استادن جون جايون خالي پيل آهن، 32 هزار 510 پرائمري ۽ 14 هزار 39 جونيئر ايليمينٽري استادن جون جايون خالي پيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔