اليڪشن ڪميشن پاران گيلاني جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن، گيلانيءَ جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي 22 مارچ تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ اليڪشن ۾ ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ متعلق پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جاري ڪيو ويو، جڏهن ته نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي 22 مارچ تي ٿيندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب، مليڪا بخاري ۽ ڪنول شوزب چيو آهي ته علي حيدر گيلاني جي وڊيو وقت سر اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪئي، سنڌ جي ترقياتي فنڊز جو پئسو ووٽ خريد ڪرڻ تي لڳايو ويو، سڀني ڏٺو ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو ڪيئن هلايو ويو، يوسف رضا گيلاني جي نااهلي تي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳوڻ فرخ حبيب، ڪنول شوزب ۽ مليڪا بُخاري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني ضميرن جا سودا ڪري سينيٽر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ شڪست نه مڃي آهي ۽ کيس نااهل قرار ڏيڻ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي، يوسف رضا گيلاني جو نوٽيفڪيشن روڪرائڻ لاءِ اعليٰ فورم سان به رابطو ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ يوسف رضا گيلاني خلاف نااهلي درخواست 22 مارچ تي مقرر ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، اڳواڻن چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ 12 مارچ تي ٿي رهي آهي، نااهلي درخواست 22 مارچ تي مقرر ڪرڻ مناسب نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔