سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، 194 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 194 نوان ڪيس رپورٽ. ڪورونا صورتحال بابت سنڌ جي وڏي وزير جي بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7499 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، اڄ وڌيڪ 137 مريض صحتياب ٿيا. هيل تائين ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 260149 ٿي چڪو آهي، هن وقت 4176 مریض علاج هيٺ آهن. جڏهن ته 274 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ 73 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔