سنڌ حڪومت پاران جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم

ڪراچي: سنڌ حڪومت جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي معاملي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪاميٽي ۾ قانون، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ توڙي سروسز کاتي جا سيڪريٽريز ميمبر طور مقرر ڪيا ويا آهن. ڪاميٽي متاثرن توڙي ڊويزنل اسڪروٽني ڪاميٽي کان درخواستون وصول ڪندي، ڪاميٽي شڪي ڊوميسائيل واري شخص جي رهائش يا ٻئي تفصيل جي جاچ لاء حقيقتون پرکي سگهندي ۽ رڪارڊ گهرائي سگهندي. ڪاميٽي کي ڪنهن به ڊوميسائيل کي رد ڪرڻ يا درست قرار ڏيڻ جو به اختيار ڏنو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔