ڇور ۾ رات جي وقت برقعو پائي گھمندڙ اھلڪار کي علائقي واسين جو ڪٽڪو

عمرڪوٽ: ڇور شھر ۾ رات جي وقت برقعو پائي گھمندڙ پوليس لائن عمرڪوٽ جي اھلڪار ڪامران قريشي کي علائقي واسين پڪڙي کيس ڪٽڪو ڏيڻ بعد سپاهي جي مٿي جا وار ڪوڙي ڇور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، مٿس گھرن ۾ گھڙڻ جو الزام به هنيو ويو، ان حوالي سان الرحيم ڪالوني ۽ ملاح پاڙي جي نوجوانن مولوي علي آريسر، روشن رونجھو، امجد ملاح، احمد ڪنڀار ۽ ٻين ٻڌايو ته اھلڪار ڪامران قريشي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان برقعو پائي پاڙي جي گھٽين ۾ ڏٺو ويو آهي، رات شڪ پوڻ تي اسان پيڇو ڪري الرحيم ڪالوني جي ھڪ گھر ۾ گھڙندي سوگھو ڪري ڇور پوليس حوالي ڪيو آھي، هنن چيو آهي ته اسان اهلڪار جي ڪا به مارڪٽ يا تذليل ناھي ڪئي، جڏهن ته الزام ھيٺ آيل اھلڪار ٻڌايو ته رات واقعي آئون برقعو پائي ٺري جي موالين کي پڪڙڻ لاءِ نڪتو ھئس، منھجو ٻيو ڪو به مقصد نه ھو، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڇور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته اھلڪار ڪامران قريشي کي اسان جي حوالي ڪيو ويو آهي، مون اھڙي ڄاڻ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڏئي ڇڏي، اهلڪار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسان وٽ ڪير به ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔