آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضو ڇڏائڻ وارو ڪيس: اڳڀرائي رپورٽ پيش

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران صوبائي وزير سهيل انور سيال، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻيا پيش، اي جي سنڌ حددخلين خلاف آپريشن بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، صوبائي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سوڌو لاڳاپيل آفيسرز جا حلف ناما به جمع، ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضن خلاف آپريشن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، هاڻي ٻئين مرحلي تي ڪم جاري آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار آپريشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪري، اُنهن جو جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔