سنڌ ۾ 39 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ 39 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ايسٽ جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منظور علي خميساڻي کي سکر بدلي ڪيو ويو ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سلطان لغاري حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ٺٽي جي جج ارشاد حسين کي ڪراچي ايسٽ بدلي ڪيو ويو، گهوٽڪي جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمر الدين عباسي نوشهروفيروز ۽ خيرپور جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خالد شيخ جي بدلي گهوٽڪي ڪئي وئي، ٽنڊو محمد خان، دادو، مٽياري، بدين ۽ ٻين ضلعن جا به ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي بدلي ڪئي وئي، چيف جسٽس جي هدايت تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔