پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي .

عورتن جي عالمي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد عورتن جي سماجي ،سياسي  ۽ اقتصادي جدوجهد  کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي .

پاڪستان ۾ به ان حوالي سان مختلف تقريبون ڪوٺايون ويون آهن ، سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن پاران عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ چئلينجن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ واڪ، ريليون ، سيمينار ۽ مذاڪرا به ڪرايا  پيا وڃن .

عورتن جي لاڳيتو جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي نتيجي ۾ 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي 100 کان وڌيڪ عورتن شرڪت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔