آرمي چيف جو عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ اضافي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتون اسان جي بي پناهه احترام جون مستحق آهن ، يونيفارم ۾ عورتن قوم ۽ انسانيت جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي .

هن چيو ته يونيفارم ۾ عورتن پنهنجون صلاحيتون مڃرائيون آهن ، پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ اضافي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن .

واضح رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد عورتن جي سماجي ،سياسي  ۽ اقتصادي جدوجهد  کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي .

پاڪستان ۾ به ان حوالي سان مختلف تقريبون ڪوٺايون ويون آهن ، سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن پاران عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ چئلينجن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ واڪ، ريليون ، سيمينار ۽ مذاڪرا به ڪرايا  پيا وڃن .

عورتن جي لاڳيتو جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي نتيجي ۾ 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي 100 کان وڌيڪ عورتن شرڪت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔