پاڪستاني عورتن لاءِ بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ اسمارٽ فون ايپ متعارف

سڄي دنيا ۾ ڪينسر جو منظر نامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پهريون ڀيرو ڦڦڙن جي بدران بريسٽ (ڪينسر) سرطان جو سڀ کان وڌيڪ سڃاڻپ ٿيندڙ قسم بڻجي ويو آهي.
انٽرنيشنل ايجنسي فار ريسر آن ڪينسر ( آءِ اي آر سي) طرفان ڊسمبر 2020ع ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب هاڻ بريسٽ ڪينسر سڀ کان وڌيڪ سڃاڻپ ٿيندڙ قسم آهي.
آڪٽوبر 2020ع جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب هر سال 50 هزار عورتون بريسٽ ڪينسر (ڇاتي جي سرطان) جي ڪري موت جو شڪار ٿي وينديون آهن جيڪي ايشيا ۾ بريسٽ ڪيسنر جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي سڀ کان وڌيڪ شرح آهي جڏهن ته سالياني ان بيماري جا 90 هزار نواز ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب ڪراچي جي هڪ سيمينار دوران پاڪستان ٽرسٽ جي باني ۽ صدر ڊاڪٽر زبيده قاضي جو چوڻ هو ته بريسٽ ڪينسر جي شروعاتي سڃاڻپ ۽ عوامي آگاهي مهم کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ان جي ڪيسن ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي وئي آهي پر پاڪستان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ اِها بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن جو سبب آگاهي ۽ ڪينسر جي سڃاڻپ جي لاءِ سهولتن جي کوٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي هر 9 مان هڪ عورت بريسٽ ڪينسر جو شڪار ٿي ويندي آهي.
پنڪ پاڪستان ٽرسٽ جي صدر موجب ملڪ ۾ 49 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 40 کان 45 سالن جي عمر جون 30 لک عورتون آهن جن ۾ ان مرض جو وڌيڪ خطرو آهي.
اِهو ئي سبب آهي جو پنڪ پاڪستان ان حوالي سان خطري کي منهن ڏيندڙ عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اسمارٽ فون ايپ کي تيار ڪيو آهي جيڪو اينڊرائي صارفن جي لاءِ موجود آهي.
گوگل پلي اسٽور ۾ ايپ جي ڊسڪرپشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جو خطرو وڌي چڪو آهي.
هي ايپ انگلش سان گڏوگڏ اردو، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته ان جو انٽرفيس سادو رکيو ويو آهي جيئن ڪير به ان کي سولائيءَ سان استعمال ڪري سگهي.
اهڙي طرح ويزول ۽ آڊيو تي ٻڌل پنهنجي معائني ۽ تجزيي جو نظام، ماهرن کان سڌو سنئون سوال پڇڻ لاءِ فورم، آن لائن اپائٽمنٽ ۽ بلاگ سيڪشن ان ايپ جا بهترين ۽ واضح فيچرز آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔