پاڪستان اِن لاءِ نه ٺهيو ته شريف ۽ زرداري ارب پتي بڻجي وڃن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي پارٽي جي ايم اين ايز ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا.

قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ملڻ بعد خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿي، سينيٽ اليڪشن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست کانپوءِ اتحادي به مايوس ٿي ويا هئا، مون کي هڪ ٽيم نظر آئي ته خوشي ٿي، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جا ٿورا مڃان ٿو.

پاڪستان هڪ عظيم مقصد لاءِ ٺهيو هو، اُسان کي اُن مقصد ۽ نظرئي ڏانهن پنهنجا رُخ تبديل ڪرڻا آهن، پاڪستان اِن لاءِ نه ٺهيو ته شريف ۽ زرداري ارب پتي بڻجي وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔