قومي اسيمبلي ۾ اجلاس کان اڳ ۽ پوءِ پارليامينٽ ٻاهران نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اجلاس کان اڳ ۽ پوءِ پارليامينٽ ٻاهران نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، مصدق ملڪ کي چماٽ هنئي وئي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي جوتو هنيو ويو،

مريم اورنگزيب سان بدتميزي پڻ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي، نواز ليگ اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا نعرا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ نواز ليگ اڳواڻ مصدق ملڪ طرفان هڪٻئي کي ڌڪا  ڏنا ويا، 

هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وزيراعظم جي حمايت ۽ اپوزيشن جي مخالفت ۾ نعريبازي، پي  ڇڪتاڻ دوران احسن اقبال کي جوتو هنيو ويو، جيڪا وڊيو وائرل ٿي وئي، ٽي آءِ ڪارڪنن ليگي اڳواڻن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ نه ڏنو،

نواز ليگ اڳواڻن طرفان به گو نيازي گو جي نعريبازي ڪئي وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي، احسن اقبالن ۽ مريم اورنگزيب ۽ ٻين چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ غيرآئيني آهي، اڄ پاڪستان جو عوام تماشو ڏسي رهيو آهي، نيازي سرڪاري جي غنڊاگردي سان منهن ڏينداسين،

هاڻي جيڪو ايندو اهو ايمبولينس ۾ ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔