قومي اسيمبلي مان وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد : 178 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي مان وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، ايوان جي ڪارروائي شروع ٿيڻ تي اسپيڪر 5 منٽن تائين ايوان ۾ گهنٽي وڄائي ميمبرز جِي حاضري کي يقيني بڻائي وئي اُن کانپوءِ ايوان جا در بند ڪيا ويندا ته جيئن ڪو ميمبر ٻاهر نه وڃي سگهي ۽ ٻاهريون ميمبر اندر نه اچي سگهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم تي اعتماد جَي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪيو هو، 178 ميمبرز ايوان ۾ وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔