عمران خان اڄ نئين سياسي زندگي جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ نئين سياسي زندگي جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) عدم اعتماد آندو ته پوءِ اسان جي اسيمبلي اچڻ جي ضرورت ناهي. هتي مخالف ڌر کي اچڻ گهرجي ها هنن جي نه اچڻ سان مزو نه ايندو. هن چيو ته جيڪڏهن عدم اعتماد ٿئي ٿي ته مخالف ڌر کي نمبر پورا ڪرڻا پوندا. 

سياست مقابلي جو نالو آهي ۽ پاڪستان تحريڪ(پي ٽي آءِ) سموريون سيٽون کٽيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته جنهن مخالفت ۾ ووٽ ڏنا انهن جا نالا نه ٻڌائيندس ۽ هونئن به مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙن جي مون کي خبر ناهي.

تحريڪ انصاف سينيٽ جون باقي سموريون سيٽون کٽي وئي. جڏهن ته مخالف ڌر صرف هڪ سيٽ  کي کٽڻ کي سياسي معاملو بنائي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔