عمران خان جي 2018ع واري اڪثريت جعلي هئي ۽ هاڻي به جعلي آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد: وزير اعظم جَي اعتماد جَي ووٽ کي تسليم نٿا ڪيون، جبري طور ميمبرز کي اسيمبلي گهرائي اعمتاد جو ووٽ ورتو ويو: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جي 2018ع واري اڪثريت جعلي هئي ۽ هاڻي به جعلي آهي، اسلام آباد ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ واري مامري تي رد عمل ظاهر ڪندي فضل الرحمان چيو ته اسان اهڙن ماڻهن کي جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، جيڪڏهن اسان وک کنئي ته اوهان کي گهٽين ۾ به جاءِ نه ملندي، اسان جي شرافت جو غلط فائدو نه وٺو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔